APP25-22 LAHORE: July 22 - Federal Minister for Information, Broadcasting, National History & Literary Heritage Barrister Syed Ali Zafar addressing at a discussion on ‘Opportunities and Challenges after Elections” organized by the Human Rights Society of Pakistan. APP Photo by Rana Imran

لاهور – 22 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته 25 جولاءِ تي ملڪ ۾ عام چونڊن کي يقيني بڻائي نگران حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي، گائيڊ لائين جي حد تائين نئين حڪومت جي لاءِ ڪجهه اهڙيون شيون ڇڏي وينداسين جنهن تي عمل ڪرڻ حڪومت جي اختيار ۾ هوندو، نگران حڪومت پيمرا کي آئين ۽ قانون موجب آزاد ڪري ڇڏيو، ميڊيا کي جيڪڏهن پيمرا کان ڪا به شڪايت آهي ته اها عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿي. هو هيومن رائيٽس سوسائٽي آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي هيومن رائيٽس سوسائٽي آف پاڪستان جي چيئرمين سيد آصف ظفر، مهناز رفيع، ڊاڪٽر بابر محمود، اليگزينڊر ملڪ، ڊاڪٽر ڪنول خالد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سيد علي ظفر چيو ته سي پيڪ ايندڙ حڪومت جي لاءِ تمام وڏو سنهري موقعو آهي ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري پاڪستان کي چئلينجن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو.