اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) نگران گهرو وزير محمد اعظم چيو آهي ته 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي لاءِ انتطام ڪري رهيا آهيون، پولنگ اسٽيشنن جي اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪئي ويندي جڏهن ته حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڪئميرائون لڳايون وينديون. سينيٽ جي ملڪ ۾ موجوده امن امان ۽ سياسي صورتحال جي حوالي سان رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران گهرو وزير محمد اعظم چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ امن امان صوبائي معاملو آهي، صوبائي حڪومت ۽ لاڳاپيل صوبائي حڪومت ۽ لاڳاپيل صوبائي ادارا چونڊن جي دوران سڀني کي محفوظ ۽ برابر ماحول فراهم ڪرڻ جا ذميدار آهن، گهرو وزارت چونڊن جي دوران پرامن ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطي ۾ آهن