APP37-14 MURREE: July 14 - Caretaker Federal Minister for Information, Broadcasting, National History & Literary Heritage Syed Ali Zafar addressing during the inauguration ceremony of 3-day NBF Kitab Mela arranged by National Book Foundation and Lawrence College Gora Gali. APP photo by Saeed-ul-Mulk

مري (گهوڙا گلي) – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پشاور، بنون ۽ مستونگ واقعن قوم کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي، تازن دهشتگردي جي واقعن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لارنس ڪاليج گهوڙا گلي ۾ نيشنل بڪ فائونڊيشن ۽ لارنس ڪاليج جي حصيداري سان ٽن ڏينهن واري ڪتابي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پشاور، بنون ۽ مستونگ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت لاءِ لفظ نه آهن، انهن واقعن پوري قوم کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي ڏک ۾ هڪ منٽ جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي.