APP04-20 ISLAMABAD: July 20 – Secretary IBNH&LH, Sardar Ahmed Nawaz Sukhera in a group photo with probationary officers of Information Services Academy. APP

اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا چيو آهي ته پريس آفيسر ٻاهرين ملڪ سٺي ملڪي تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ملڪ مخالف پروپيگنڊا جو موثر جواب ڏئي رهي آهي، هو انفارميشن سروس اڪيڊمي جي تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، جي ڊي انٽرنل پبلسٽي سميت اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار به ملاقات ۾ موجود هئا