APP18-05 ISLAMABAD: July 05 – Managing Director, Associated Press of Pakistan, Masood Malik exchanging views with Iranian Ambassador Mehdi Honardoost during his visit to APP Headquarters. APP photo by Afzaal Chaudhry

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايران جي سفير مهدي هنر دوست چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ويجها ڀائر ملڪ آهن، ٻئي ملڪ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو، عالمي ۽ خطي جي حالتن جي ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپا ۽ تعاون وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.