اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته نگران حڪومت پاڪستان جو نالو ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪيترائي پاليسي قدم کنيا آهن جنهن جا مثبت نتيجا آيا آهن ۽ ايف اي ٽي ايف جي ميمبرن کي پاڪستان جو موقف سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي هن چيو ته 2008ع کان 2012ع جي دوران به پاڪستان جو نالو ايف اي ٽي ايف جي فهرست ۾ رهيو آهي.