اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ چيو آهي ته غريبن کي صحت جي خدمتن جي فراهمي لاءِ وزيراعظم جو قومي صحت پروگرام يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، هن اها ڳالهه وزيراعظم جي قومي صحت پروگرام جي باري ۾ وزيراعظم آفيس ۾ بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي