اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) نگران گهرو وزير محمد اعظم خان چيو آهي ته مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي سيڪيورٽي خدشا آهن پر هارون بلور کي سيڪيورٽي جو ڪو ٿريٽ نه هو، امن امان جي لاءِ نگران حڪومت صوبن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهي آهي، سينيٽ ۾ 2018ع جي عام چونڊن جي آزاداڻي، شفاف ۽ پرامن منعقد ڪرائڻ لاءِ ظاهر ٿيندڙ خدشن بابت حڪومتي جواب ڏيندي نگران گهرو وزير چيو ته 10 جولاءِ تي اي اين پي جي هڪ اميدوار تي خودڪش حملو ٿيو ان وقت 40 کان 45 اي اين پي جا ڪارڪن موجود هئا.