APP35-18 ISLAMABAD: July 18 – Caretaker Prime Minister Justice (Retd) Nasir-ul-Mulk planting a tree to inaugurate Monsoon Tree Plantation Campaign 2018, at PM House. APP

اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ جي عزم سان سالياني چوماسي واري وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪيو. موسمياتي تبديلي وارو نگران وزير محمد يوسف شيخ ۽ سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. واضح رهي ته موسمياتي تبديلي واري وزارت هن سال صوبن، هٿياربند فوج، پوليس، سول سروسز، بلدياتي ادارن، ڪارپوريشنز، خودمختيار ادارن ۽ تعليمي ادارن جي مدد سان قومي سطح تي چوماسي جي مند دوران 4 ڪروڙ 71 لک 40 هزار ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي.