اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ چيو آهي ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو فروغ لازمي آهي، صحت بابت ساز ۽ سامان جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي وچ ۾ تعاون جو مضبوط نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي معاملن ۽ ڪاميابين بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي.