APP31-13 ISLAMABAD: July 13 – Caretaker Prime Minister Justice (Retd) Nasir-ul-Mulk addressing the gathering at the inauguration ceremony of Pakistan-China Optical Fiber Cable Project. APP

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ چيو آهي ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز جي ترقي ضروري آهي، پاڪ چائنه آپٽيڪل فائيبر ڪيبل پراجيڪٽ سان پاڪستان کي زميني ڪيبل سان رابطي جي سهولت ملندي ۽ ان سان سامونڊي ڪيبل تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو، هو پاڪ چائنه آپٽيڪل فائيبر ڪيبل پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.