اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ماحولياتي تبديلين ۽ موسمي اثرن بابت ڳڻتي آهي، ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. ماحولياتي گدلاڻ جي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ نه رڳو حڪومتي پر عوامي سطح تي ڀرپور آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو ماحول جو تحفظ نه رڳو اسان جي قومي ذميداري آهي پر ايندڙ نسلن کي صاف سٿري هوا ۾ ساهه کڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ اسان جي انساني ذميداري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين پارليامينٽ هائوس جي باغيچي ۾ ميگنوليا جو ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.