APP12-05 ISLAMABAD: July 05 - President Mamnoon Hussain addressing the Foundation Stone laying ceremony of Federal Urdu University of Arts Science & Technology Islamabad Campus. APP

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومي زبان کانسواءِ حقيقي تعليم ۽ ترقي جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي، ان کي تعليم جو ذريعو بڻائي ئي ترقي جي ٺوس بنياد رکي سگهجي ٿي، اردو زبان هڪ اهڙو ورثو آهي جنهن تي اسان کي فخر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي اردو يوينورسٽي اسلام آباد ڪئمپس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو نگران وفاقي وزير محمد يوسف شيخ ۽ وقتي شيخ الجامعه ڊاڪٽر الطاف حسين پڻ خطاب ڪيو.