APP57-04 ISLAMABAD: July 04 - Ambassador-designate of Pakistan to Kazakhstan, Dr. Imtiaz A. Kazi called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قزاخستان وچ ايشيائي علائقي جو انتهائي زرخيز ۽ قابل قدر ملڪ آهي جنهن جي سمورن ملڪن بشمول پاڪستان سان انتهائي خوشگوار لاڳاپا آهن. صدر اها ڳالهه قزاخستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر امتياز احمد قاضي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.