APP20-18 ISLAMABAD: July 18 - Caretaker Federal Minister for IBNH & LH Syed Ali Zafar addressing a press conference at PID Media Centre. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته فاٽا ۽ پاٽا جي انضمام کان اڳ وفاقي ٽيڪسن جي صورتحال کي برقرار رکيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا سموري نوعيت جي وفاقي ٽيڪسن کان ڇوٽ جي منظوري ڏني آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ فاٽا جي لاءِ ليگل فريم ورڪ جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي ڪميٽين جي اتفاق راءِ سان تيار ٿيندڙ آرڊيننس جاري ٿي ويندو، محمد نواز شريف سميت ڪنهن به قيدي کي پنجاب جيل مينوئل موجب سهولتون فراهم ٿيڻ گهرجن. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. سينيٽر عطا محمد، سينيٽر حبيب الله، سينيٽر خانزاده خان، سينيٽر ميان عتيق ۽ ٻيا پڻ ان موقعي تي موجود هئا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا اڳوڻي فاٽا/ پاٽا جي علائقن ۾ شروعاتي طور 3 مهينن جي لاءِ وفاقي ٽيڪسن جي ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.