APP69-04 PESHAWAR: July 04 – Federal Minister for Law, Justice and Parliamentary Affairs Syed Ali Zafar along with Caretaker KP CM Dost Muhammad Khan briefs to media persons about FATA merger. APP photo by Shaheryar Anjum

پشاور – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته فاٽا جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هاڻي آئيني طور تي فاٽا جو ڪي پي ڪي ۾ انضمام ٿي چڪو آهي، تاريخ ۾ اهڙو ڪو مثال نه ٿو ملي ته ايترو وڏو علائقو ڪنهن صوبي ۾ ضم ٿيو هجي. هو پشاور ۾ گڏيل اجلاس کانپوءِ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.