اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون، اليڪشن 2018ع وقت سر ٿي رهيون آهن هاڻي اسان کي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي تي ڌيان ڏيڻو آهي، سيڪيورٽي ۽ سياست کي ڌار ڌار هجڻ گهرجي، عوام جي تحفظ تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو، سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان نيشنل ايڪشن پلان بڻايو ويو جنهن تي عمل ٿي رهيو آهي، صاف، شفاف، غير جانبداراڻي چونڊن لاءِ نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي مڪمل مدد فراهم ڪندي، اليڪشن ڪميشن کي آئيني ۽ قانوني طاقت حاصل آهي، اليڪشن ڪميشن عام چونڊن 2018ع جي تيارين ۽ ادارن جي خدمتن سميت سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي، هو نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سيد علي ظفر چيو ته وفاقي حڪومت 2018ع جي عام چونڊن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا آهن.