اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) سينٽ جو ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا ڪوئيٽا ويو، جتي هن مير سراج رئيساڻي جي شهادت تي سندس ڀاءُ حاجي لشڪري رئيساڻي سان تعزيت جو اظهار ڪيو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مستونگ واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا ۾ عيادت به ڪئي ان موقعي تي هن چيو ته مستونگ واقعي تي سڄي قوم ڏکويل آهي، هن چيو ته مستونگ ڌماڪي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.