اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته ڪرڪيٽر فخر زمان پاڪستان جو فخر آهي جنهن انڊيا جي خلاف به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي شهرت حاصل ڪئي هئي ۽ اڄ جي ميچ ۾ هن پاڪستاني رانديگرن ۾ نه رڳو سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو پر ڊبل سينچري جي سنگ ميل کي عبور ڪيو آهي.