اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چئيرمين محمد صادق سنجراڻي چمن ۾ مال روڊ تي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي جي ويجهو ٿيندڙ بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ ڏکويل خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو.