اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري نگران وفاقي وزير سيد علي ظفر ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار اڪرام الله گنڊاپور جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.