اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير سيد علي ظفر بنون ۽ مستونگ ۾ دهشتگردي جي واقعن جي سخت مذمت ڪندي ڌماڪن ۾ معصوم شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.