APP06-27 ISLAMABAD: July 27 - Chairperson National Commission for Human Development, Ms. Razina Alam Khan called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ خواندگي جي شرح ۾ اضافي لاءِ نيشنل ڪميشن براءِ هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن سان سماج جي نظر انداز طبقي کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه انساني ترقي بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن رزينه عالم خان سان ڳالهائيندي چئي.