ڪنهن کي به ڌانڌلي جو ڪو شڪ آهي ته تڪ کولڻ لاءِ تيار آهيون: نعيم الحق

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به سياسي پارٽي کي ڪٿي به ڌانڌلي جو ڪو شڪ آهي ته پي ٽي آءِ ان تڪ کي کولڻ جي لاءِ تيار آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي ۽ ڪراچي جي عوام پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي رد ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته اهي پارٽيون ڪراچي جهڙي وڏي شهر جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ پڻ مڪمل ناڪام رهيون آهن.