وزيراعظم پاران مستونگ ڌماڪي جي سخت مذمت

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ مستونگ جي علائقي درينگڙه ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب نگران وزيراعظم قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دُعا ڪئي آهي.