ملڪي ترقي لاءِ انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز جي ترقي ضروري آهي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ چيو آهي ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز جي ترقي ضروري آهي، پاڪ چائنه آپٽيڪل فائيبر ڪيبل پراجيڪٽ سان پاڪستان کي زميني ڪيبل سان رابطي جي سهولت ملندي ۽ ان سان سامونڊي ڪيبل تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو، هو پاڪ چائنه آپٽيڪل فائيبر ڪيبل پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.