APP17-21 ISLAMABAD: June 21 - Caretaker Prime Minister Justice (Retd) Nasir-Ul-Mulk in a meeting with Chief Election Commissioner Justice (Retd) Sardar Muhammad Raza at Election Commission of Pakistan. APP

اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ عام چونڊون 2018ع جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي خاطري ڪرائي آهي ته ملڪ جي انتظاميا غيرجانبداراڻي، شفاف ۽ آزاداڻي چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات دوران چئي.