APP53-13 ISLAMABAD: June 13 - Federal Minister for Law and Justice Syed Ali Zafar addressing to representatives of different bar councils and associations. APP

اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي (قانون ۽ انصاف واري نگران وفاقي وزير سيد علي ظفر چيو آهي ته وڪيل هجڻ جي حيثيت سان وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيان، انهن لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو دستياب وسيلن جي اندر رهندي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، وڪيل دانشور طبقي جو هر اول دستو آهن، ملڪي عدالتي نظام جي بهتري لاءِ انهن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي پاڪستان جي بار ايسوسيئيشنز ۾ 33 ملين روپيا ورهائڻ جي وڏي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ميڙاڪي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص سميت ڪيترن ئي بار ايسوسئيشنن ۽ شخصيتن شرڪت ڪئي.