APP05-21 ISLAMABAD: June 21 – Caretaker Minister for Information, Broadcasting and National Heritage, Barrister Ali Zafar talking to media personnel after visiting Islamabad High Court Bar Association. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پوري قوم سان واعدو آهي ته وقت سر چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نگران حڪومت سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻيندي، پرامن چونڊن جي لاءِ حساس ۽ حساس ترين پولنگ اسٽيشنن ۾ فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، نيب پاران نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ملي وئي آهي. هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.