APP03-13 ISLAMABAD: June 13 – Federal Minister for Information, Broadcast and National Heritage Barrister Syed Ali Zafar presiding over a meeting during his visit to National History and Literary Heritage (NHLH) Division. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي جي نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر هدايت ڪئي آهي ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ قومي ورثي بابت اهم معاملن ۾ سهڪار يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا ارڙهين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ پيش ايندڙ فني ۽ انتظامي نوعيت جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. اهي هدايتون هن قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن جي دوري جي موقعي تي منعقد بريفنگ جي دوران جاري ڪيون.