APP13-05 ISLAMABAD: June 05 - President Mamnoon Hussain administering the oath of office to Abdullah Hussain Haroon, Muhammad Azam Khan, Dr. Shamshad Akhtar, Syed Ali Zafar, Muhammad Yousaf Shaikh and Mrs. Roshan Khursheed Bharucha as Federal Minister during the oath taking ceremony at the Aiwan-e-Sadr. Caretaker Prime Minister Justice (R) Nasir-ul-Mulk is also present. APP

اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو آهي. صدر ممنون حسين 6 نگران وزيرن کان سندن عهدي جو حلف ورتو. ان سلسلي ۾ تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ نگران وزيراعظم ناصر الملڪ به موجود هو. حلف کڻندڙ نگران وزيرن ۾ عبدالله حسين هارون، محمد اعظم خان، ڊاڪٽر شمشاد اختر، سيد علي ظفر، محمد يوسف شيخ ۽ مسز روشن خورشيد بروچه شامل آهن. تقريب جو باقاعده آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿيو، ان موقعي تي قومي ترانو وڄايو ويو، تقريب ۾ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ممنون حسين حلف برداري کانپوءِ نگران وزيرن کي مبارڪباد ڏيندي انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.