APP18-21 ISLAMABAD: June 21 - Ambassador of Azerbaijan Ali Fikrat Oglu Alizada paid a courtesy call on Caretaker Prime Minister Justice (Retd) Nasir-Ul-Mulk at PM office. APP

اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۾ وڌ کان وڌ اضافو ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ هدف مقرر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي سفير علي فڪرت اولو عليزاده سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس خيرسگالي ملاقات ڪئي.