اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي جيڪو دنيا جي لاءِ هڪ مثال هوندو، نگران حڪومت پرامن، صاف، شفاف ۽ وقت سر چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل تعاون ڪندي. هو چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اها 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سموريون سهولتون ۽ تعاون فراهم ڪري ته جيئن صاف، شفاف، غيرجانبدار ۽ وقت سر چونڊون ٿي سگهن انهي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ آيو آهيان ۽ هتي اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن بابت تيارين ۽ قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.