APP02-14 ISLAMABAD: June 14 – Federal Minister for Information, Broadcast and National Heritage Barrister Syed Ali Zafar presiding over a meeting during his visit to National History and Literary Heritage (NHLH) Division. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي( اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري نگران وفاقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر 50 ڪروڙ رپين جي انڊومنٽ فنڊ جي لاءِ چار رڪني ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن جي وفاقي سيڪريٽري انجنيئر عامر محسن جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي انڊومنٽ فنڊ جي شفاف استعمال کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ۾ علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثي بابت سرگرمين، منصوبن جي نشاندهي، رقمن جي فراهمي ۽ نگراني جي معاملن جي پڻ ذميوار هوندي. وفاقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ۾ اعليٰ سطحي اجلاس دوران ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي جوڙجڪ جي حڪمنامي تي صحيحون ڪيون.