سيد علي ظفر پاران ڪشميري صحافي شجاعت بخاري جي قتل جي مذمت

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وزير سيد علي ظفر ڪشميري صحافي شجاعت بخاري جي قتل جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ارڏي ۽ بيباڪ ڪشميري صحافي شجاعت بخاري جي شهادت ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ کي بي نقاب ڪندڙ هر آواز ۽ قوت کي دٻائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي.