APP08-26 SHUJAABAD: May 26 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi inaugurating the Multan to Shuja'abad section of Sukkur-Multan Motorway. APP

اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملتان سکر (ايم فائيو) موٽر وي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو هڪ ٻيو ثبوت ۽ علائقي ۾ عظيم تر تعاون ۽ دوستي کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي گڏيل ويزن جو عڪاس آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار ملتان سکر موٽر وي جي پهرين حصي جي افتتاح کانپوءِ ملتان شجاع آباد انٽرچينج کان 35 ڪلوميٽر پري منصوبي ۾ مصروف پاڪستاني ۽ چيني انجنيئرن کي خطاب ڪندي ڪيو.