APP61-12 ISLAMABAD: May 11 – MD APP Masood Malik chairing a meeting with delegates from different international news agencies as the two-day International Conference of News Agencies (ICNA) is set to open on Sunday, the delegates from various countries arriving in the federal capital to attend the event, being held on May 13-14 being organized by the Associated Press of Pakistan (APP) under the theme, “Pakistan’s Media – Opportunities and Challenges” with special focus on ‘News Agencies – Emerging Professional Challenges.' APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) خابرو ادارن جي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ پرڏيهي نمائندن ميڊيا خاص طور تي خابرو ادارن کي درپيش چئلينجن تي غور فڪر جي لاءِ مختلف ملڪن جي ميڊيا شخصيتن جي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي حوالي سان قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي قدم کي ساراهيو آهي. اڄ 13 مئي تي شروع ٿيندڙ ڪانفرنس جو موضوع پاڪستان جي ميڊيا: موقعا ۽ چئلينجز آهي جنهن ۾ خابرو ادارن کي اڀرندڙ پيشيواراڻن چئلينجن تي ڌيان ڏنو ويندو. نمائندن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن اي پي پي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ سان گڏيل خيالن جي ڏي وٺ جي مختصر ويهڪ ڪئي.