APP77-16 ISLAMABAD: May 16 – Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi addressing the gathering at the inauguration ceremony of refurbishment of National Institute of Health. APP

اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عوام کي صحت جي معياري ۽ بهتر خدمتن جي فراهمي جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت گذريل 5 سالن دوران صحت سميت مختلف شعبن ۾ انقلابي سڌارا متعارف ڪرايا، عوامي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، موجوده حڪومت صحت جي سهولتن جي فراهمي ممڪن بڻائڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا آهن. هو نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) جي رنگ روغن جي افتتاح جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.