APP02-13 ISLAMABAD: May 13 – Managing Director, Associated Press of Pakistan Masood Malik and Deputy Editor-in-Chief China Daily Multimedia Jun Li signing an MoU at APP Headquarters. APP photo by Afzaal Chaudhry

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ چائنا ڊيلي ملٽي ميڊيا جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا ۽ چين ۽ پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ اطلاعن تائين پهچ لاءِ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان هڪ معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن تحت ٻئي ادارا هڪٻئي کي اطلاعن تائين پهچ جي حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪندا. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ ۽ ڊيلي ملٽي ميڊيا چين جي ڊپٽي ايڊيٽر انچيف لائي چي لي جي وچ ۾ اي پي پي هيڊڪوارٽر ۾ معاهدي تي صحيحون ٿيون.