APP36-29 ISLAMABAD: May 29 - President Mamnoon Hussain being briefed by Federal Minster for Education and Professional Training Engr. Muhammad Baligh-ur-Rehman on the Revision of Curriculum of Primary Education at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حقيقي اخلاقي قدرن جي پاسداري، ائين ۽ جمهوريت جو احترام ۽ نئين نسل جي ڪردارسازي جهڙيون صفتون ڪنهن به قوم جي بنيادي حيثيت رکن ٿيون، جن کي تعليمي نظام جو حصو بڻائي رياست کي مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو ان سلسلي ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن اها ڳالهه تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت پاران پهرين درجي کان اٺين درجي تائين جي لاءِ نئون نصاب جوڙڻ کانپوءِ بريفنگ جي موقعي تي چئي.