APP69-23 KARACHI: April 23 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi chairing meeting of the Cabinet's Committee on Energy at Governor House. APP

ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) ڪراچي ۾ بجلي جي بحران کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جيڪو گورنر هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، بجلي واري وفاقي وزير اويس لغاري، بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي، وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.