APP27-10 ISLAMABAD: April 10 - President Mamnoon Hussain being presented Annual Report-2017 by Federal Tax Ombudsman Mushtaq Ahmad Sukhera at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس ريفنڊ ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن ته جيئن رياستي ادارن تي عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي. هن اها هدايت وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا سان ڳالهائيندي چئي جنهن ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب صدر کي پنهنجي اداري جي سالياني رپورٽ پڻ پيش ڪئي. صدر رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيڪس ڏيندڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ وفاقي ٽيڪس محتسب جي اداري جي وڏي اهميت آهي.