APP55-06 KABUL: April 06 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi and Afghan Chief Executive Abdullah Abdullah leading their respective delegations during delegation level talks at Sapedar Palace. APP

ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ افغان چيف ايگزيڪيٽو عبدالله عبدالله جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، ان کان اڳ چيف ايگزيڪيٽو عبدالله عبدالله سپيسدر محل اچڻ تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ سندس وفد جي ميمبرن جو والهاڻو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب حزب اسلامي جي اڳواڻ گلبدين حڪمت يار، حزب وحدت جي اڳواڻ استاد محمد محقق، اعليٰ امن ڪائونسل جي چيئرمين استاد محمد ڪريم خليلي ۽ نيشنل اسلامڪ فرنٽ جي سربراهه پير سيد حامد گيلاني به ڪابل ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.