APP58-06 KABUL: April 06 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi and Afghan President Muhammad Ashraf Ghani leading their respective delegations during delegation level talks at Afghan Presidential Palace. APP

ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ افغان صدر اشرف غني رابطن جي ذريعي علائقائي سلامتي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهين جي دوران ٿيو جيڪو افغان صدارتي محل ۾ منقعد ٿيو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب ڳالهيون نهايت خوشگوار ۽ دوستاڻو ماحول ۾ ٿيون، افغان صدر وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي جڏهن ته وزيراعظم والهاڻي مهمانوازي تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغان صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني، افغان صدر اشرف غني وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻئي پاسي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ افغان صدر اشرف غني ارگ مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغان صدر محمد اشرف غني جي دعوت تي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پهتو.