APP68-23 ISLAMABAD: April 23 – Lt. Gen. Mahesh Senanayake, Commander of the Sri Lankan Army called on Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi at Prime Minister Office. APP

اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ سيڪيورٽي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علائقائي امن ٻنهي ملڪن جو گڏيل مقصد آهي جيڪو دفاع جي ميدان ۾ وسيع تر تعاون ۽ مهارت جي مٽاسٽا جو گهرجائو آهي. هن اها ڳالهه سريلنڪن آرمي جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل مهيش سينا نائيڪي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.