APP58-06 KABUL: April 06 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi and Afghan President Muhammad Ashraf Ghani leading their respective delegations during delegation level talks at Afghan Presidential Palace. APP

ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان جي صدر اشرف غني جي دعوت تي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير احسن اقبال، خيبرپختونخوا جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه سان گڏ ڪابل جو دورو ڪيو، افغان صدر ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات کانپوءِ افغان صدارتي محل ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، هن افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت، دهشتگردي جي خاتمي، افغان پناهگيرن جي واپسي، ٻه طرفي واپار ۽ علائقائي رابطن سميت پاڪ افغان لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته افغانستان پاڪستان ايڪشن پلان براءِ امن ۽ يڪجهتي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي وسيع بنياد ۽ منظم رابطي جو مفيد فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. هن امن ۽ يڪجهتي لاءِ پاڪ افغان ايڪشن پلان تحت پنج ورڪنگ گروپس کي فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت جي افغان صدر اشرف غني جي ويزن ۽ طالبان کي امن ڳالهين جي سندس آڇ جي آجيان ڪئي.