APP44-28 KARACHI: April 28 - President Mamnoon Hussain addressing the 10th Export Trophy Award Ceremony of Rice Exporters Association of Pakistan. APP

ڪراچي – 28 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ صحيح پاليسي سازي کانسواءِ پاليسين جو تسلسل به ضروري آهي ڇو ته ان کانسواءِ ڪنهن به شعبي جي ترقي جو خواب نه ٿو ڏسي سگهجي، ملڪ چونڊ عمل طرف وڌي رهيو آهي ان لاءِ واپارين ۽ صنعتڪارن سميت پوري قوم جي اها ذميواري آهي ته اهي مستقبل جا فيصلا ڪرڻ وقت صحيح حڪمت عملي ۽ پاليسين ذريعي ملڪ جي خدمت ڪندڙن جا هٿ مضبوط ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي ڏهين ايڪسپورٽ ٽرافي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.