APP12-03 ISLAMABAD: April 03 – A Chinese delegation visiting Pakistan to commemorate the sacrifices of Chinese workers during the construction of Karakorum Highway called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قراقرم هاءِ وي پاڪ چين اقتصادي راهداري جو بنياد ۽ ان جا معمار اقتصادي راهداري جا باني آهن، پاڪستاني قوم ۽ ان سان بي پناهه محبت ۽ انهن جو احترام ڪري ٿي، صدر اها ڳالهه شاهراهه قراقرم جي تعمير جي دوران جانيون قربان ڪندڙ ڪارڪنن جي وارثن سان ڳالهائيندي چئي جنهن چين جي سفير يائو جينگ ۽ چين جي اڳوڻي سفير زنگ چونزنگ جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي،