APP22-02 ISLAMABAD: April 02 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi in a group photo with students of London Business School who visited PM Office. APP

اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا ملڪ ۽ خطي کي دهشتگردي جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي هزارين فوجين ۽ شهرين جي جاني قربانين سان دهشتگردي جي خلاف وسيع ترين جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪري. وزيراعظم اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس ۾ لنڊن بزنس اسڪول جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف اها جنگ پنهنجي وسيلن مان وڙهي آهي، دهشتگردي جي چئلينج جي چئلينج اسان جي معيشت تي برا اثر پيا آهن، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ قيام امن لاءِ حڪومت سخت محنت کي پنهنجي سڃاڻپ بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ امن قائم ٿيو.