APP51-03 ISLAMABAD: April 03 – Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi in a group photo with students of Cornell University (USA) who visited PM Office. APP

اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دنيا کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي عظيم قربانين کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم آفيس ۾ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هزارين عام شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت ملڪي معيشت کي مثبت رخ ۾ گامزن ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا آهن